رانديون

وزيراعظم عمران خان اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل-7 جو فائنل ڏسندو

لاهور: وزيراعظم عمران خان اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل-7 جو فائنل ڏسندو، ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن خاص مهمان جي آمد لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون. وزيراعظم عمران خان قذافي اسٽيڊيم ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل 7 جو فائنل ڏسندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا وزيراعظم کي فائنل ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي.

ڪرڪيٽ بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين وزيراعظم هائوس سان رابطي ۾ آهي ۽ سندن طرفان هاڪاري اشارا ملڻ بعد وزيراعظم جي استقبال جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ بورڊ جو پيٽرن ان چيف پڻ آهي. سندس ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان 1992ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو. پي ايس ايل 7 جو فائنل 27 فيبروري تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button