رانديون

آسٽريلوي فاسٽ بالر مائيڪل نيسر سائڊ اسٽرين انجري ۾ مبتلا

سڊني: آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر مائيڪل نيسر پاڪستان جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب مائيڪل نيسر سائڊ اسٽرين جي اسڪين رپورٽ اچڻ کانپوءِ پاڪستان جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا مائيڪل نيسر جي سائڊ اسٽرين انجري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، نيسر جي جاءِ تي فاسٽ بالر مارڪ اسٽيڪٽي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب برينڊن ڊوگٽ به بيڪ اپ رانديگر طور آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شامل آهي. ياد رهي ته مائيڪل نيسر ڪوئنزلينڊ طرفان کيڏندي نيو سائوٿ ويلز خلاف ميچ ۾ فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو ۽ سندس ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button