رانديون

ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي بين ڪٽنگ ۽ سهيل تنوير تي ڏنڊ

لاهور: ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي بين ڪٽنگ ۽ سهيل تنوير تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايڇ بي ايل پي ايس ايل-7 جي 22 هين ميچ ۾ پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پشاور زلمي جي بين ڪٽنگ ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي سهيل تنوير تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

ٻنهي رانديگرن پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2 ڏهائي 6 جي ڀڃڪڙي ڪندي ميچ دوران نامناسب اشارو ڪيو هو. اهو واقعو پشاور زلمي جي اننگ دوران پيش آيو، جڏهن بين ڪٽنگ لڳاتار ٽيون ڇڪو هڻڻ کانپوءِ سهيل تنوير ڏانهن آڱر جو اشارو ڪيو ۽ سهيل تنوير اهو ئي اشارو ڪيچ ڪرڻ کانپوءِ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button