رانديون

ٽي-20 ڪرڪيٽ رڳو مارڌاڙ جو نالو ناهي، دنيا جا ورلڊ ڪلاس رانديگر کيڏندا آهن: ڪامران غلام

لاهور: پاڪستان سپر ليگ ٽيم لاهور قلندرز جي آل رائونڊر ڪامران غلام چيو آهي ته ٽي-20 ڪرڪيٽ رڳو مارڌاڙ جو نالو ناهي، ٽي-20 ۾ دنيا جا ورلڊ ڪلاس رانديگر کيڏندا آهن. هڪ انٽرويو ۾ ڪامران غلام چيو ته پاڪستاني ٽيم ان لاءِ آهي ته جيڪو به سٺي پرفارم ڪندو ان کي موقعو ملندو، جيڪڏهن مان سٺو کيڏندس ته قومي ٽيم ۾ چانس جو انتظار ڪندس، اهو ئي منهنجو ٽارگيٽ آهي، مون کي ٽيم ۾ موقعو مليو، ڪامران غلام چيو ته ٽي-20 ڪرڪيٽ رڳو مارڌاڙ جي راند ناهي، ان کي به حالتن مطابق کيڏڻو پوندو آهي، بابراعظم، جو روٽ، ويرات ڪوهلي ۽ ڪين وليمسن جهڙا ورلڊ ڪلاس رانديگر صورتحال موجب کيڏندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button