رانديون

آ سي سي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ، بابراعظم پهرين پوزيشن تي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته محمد رضوان ٻئين نمبر تي آهي. آءِ سي سي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي مسلسل تنزلي جاري آهي ۽ 10 هين نمبر تي اچي ويو آهي، ڪوهلي آءِ سي سي ٽي-20 ورلڊڪپ رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽي-20 ۾ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ 4 درجا مٿي چڙهي ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستان جو شاداب خان بالرن جي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي آهي. افغانستان جو محمد نبي آءِ سي سي ٽوئنٽي-20 آل رائونڊر ۾ پهرين نمبر تي آهي، شاندار ڪارڪردگي سبب هو گڏيل عرب امارتن جي آل رائونڊر رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ٽاپ ٽين رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني شامل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button