اٽارني جنرل مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ڊاڪٽر ڊيوڊ آر لارنس کي خط لکيو آهي. اٽارني جنرل جي آفيس طرفان لکيل خط لنڊن هاءِ ڪميشن ذريعي لکيو ويو آهي. اٽارني جنرل جي آفيس طرفان لکيل خط ۾ ڊاڪٽر ڊيوڊ آر لارنس کي چيو ويو آهي ته نواز شريف توهان جي علاج هيٺ ٻُڌايو پيو وڃي. پاڪستان جا ڊاڪٽر ڪڏهن توهان سان ملن ۽ نواز شريف جي ميڊيڪل رڪارڊ جو جائزو وٺن. ڊاڪٽرن جي توهان سان ملاقات 22 فيبروري کان 13 مارچ 2022ع دوران شيڊول ڪئي وڃي. ملاقات جي تاريخ طئي ڪرڻ کان 4 ڏينهن اڳ آگاهه ڪيو وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڪارروائي نواز شريف ۽ شهباز شريف طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڊر ٽيڪنگ جي روشنيءَ ۾ ڪئي وئي آهي. پاڪستان جا نامزد ڪيل ڊاڪٽر توهان سان ملي ڪري نواز شريف جي صحت بابت تصديق ڪرڻ چاهين ٿا، نامزد ڪيل ڊاڪٽر نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺندا، نواز شريف جون ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو وٺڻ بنا ڊاڪٽر سندس صحت بابت ڪا راءِ نٿا ڏئي سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close