رانديون

نيوزيلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ اننگ ۽ 276 رنسن تان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ اننگ ۽ 276 رنسن تان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ 111 رنسن تي ڍير ٿي وڏي ليڊ تان هارائي ڇڏيو آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم نيوزيلينڊ جي پهرين اننگ ۾ ٺاهيل 482 رنسن جي موٽ ۾ 111 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ٻي اننگ ۾ ڏکڻ آفريقا جا 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ، ٽيمبا 41 ۽ ڪائلي ويرني 30 رنسون ٺاهيون آهن. نيوزيلينڊ جي بالرن ڏکڻ آفريقي بيٽرن کي ڄمي کيڏڻ ئي نھ ڏنو، جنهن ۾ ٽم سائوڌي 5 شڪار ڪري ٽيم کي ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ريت ميٽ هينري پهرين اننگ ۾ 7 ۽ ٻي اننگ ۾ 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو. جڏهن تھ نيل واگنر 2 شڪار ڪيا ۽ ڪائلي جيميسن هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button