رانديون

نيپال ۽ اومان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچون کٽي ورتيون

نيپال ۽ اومان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پهرين ميچ ۾ نيپال پهرين کيڏندي 218 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪوشل ڀرٽيل 104 ۽ دپيندر سنگهه 83 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي. جڏهن تھ فلپائين جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 82 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 136 رنسن تان شڪست کاڌي. هڪ ٻي ميچ ۾ ڪينيڊا جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ اومان 18 اوورن ۾ 159 رنسون ٺاهي 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button