رانديون

ٿڦڙ وارو مامرو، حارث کي ميچ ريفري وارننگ ڏئي ڇڏي

پي ايس ايل جي رائونڊ ميچ دوران لاهور قلندر جي رانديگرن حارث رئئوف پاران ساٿي رانديگر ڪامران غلام کي ٿڦڙ هڻڻ واري واقعي بعد ميچ ريفري حارث رئوف کي پاڻ وٽ سڏائي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق حارث رئوف پشاور زلمي خلاف ميچ دوران مس فليڊنگ تي ڪامران غلام کي ٿڦڙ هنئي هئي، جنهن تي ريفري کيس سڏائي وارننگ ڏني ۽ چيو تھ ٻيهر اهڙي مذاق نھ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ تھ ان سان راند جي ساک کي نقصان رسي ٿو. جڏهن تھ حارث رئوف ان معاملي کي دوستاڻو قرار ڏنو، پر ريفري کيس سخت وارننگ ڏئي معاملو اڪلايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button