رانديون

آسٽريلوي ٽيم 24 سالن بعد سخت سڪيورٽي ۾ پاڪستان پهچي وئي، پاڻ کي محفوظ محسوس ڪيان پيو: پيٽ ڪمنز

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد سخت سيڪيورٽي هيٺ پاڪستان جي سرزمين تي پير رکي ڇڏيو آهي ۽ اهي رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق مهمان ٽيم جا رانديگر خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد پهتا، جن جو پي سي بي جي اختيارين شاندار استقبال ڪيو، جنهن بعد کيس فوري طور رهائش واري هوٽل منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ رانديگر ۽ سندن آفيشلز 14 ڪلاڪن جو ڊگهو سفر ڪيو، جيڪي اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن تائين بائيوسيڪيور ببل ۾ رهندا، جنهن بعد سندن ڪرونا ٽيسٽ ٿيندي، جيڪا نيگيٽو اچڻ تي کين پريڪٽس ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. پاڪستان پهچندڙ ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، اسٽيو سمٿ، مارنس ليبوشين، مچ اسٽارڪ، مچل مارش، عثمان خواجا، جوش هيزل ووڊ، نيٿن ليان ۽ ٻيا شامل آهن.

آسٽريلوي ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل نيو پيو وڃي

هوڏانهن هوٽل ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽ ڪمنز چيو آهي تھ مان پاڪستان ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري رهيو آهيان. هن جو چوڻ هو تھ هتي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي شاندار آهن، پي سي بي جو رويو بھ بهترين آهي. هن چيو تھ ايڏي سخت سيڪيورٽي راند تان اسان جو ڌيان نھ هٽائيندي. هن چيو تھ ڀارت ۾ بائيوسيڪور ببل ۾ رهي چڪا آهيون، اسان کي خبر آهي تھ گهڻو ٻاهر نھ نڪربو، تنهنڪري اهڙين حالتن جا عادي آهيون. هن چيو تھ پي ايس ايل جو ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، خوشقسمتي آهي جو ايڏي وڏي عرصي بعد اسان آيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button