رانديون

ڏکڻ آفريقا جي نيوزيلينڊ تي 211 رنسن جي وڏي برتري

ڏکڻ آفريقا نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ 211 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي پهرين اننگ ۾ ڏکڻ آفريقا جي 264 رنسن جي موٽ ۾ 293 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان ڪولن ڊي گرانڊهوم 120 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي، اهڙي ريت ڊيرل مچل 60، هينري نڪولس 39، نيل واگنر 21 رنسون ٺاهيون. هوڏانهن ڏکڻ آفريقا جي بيٽرن ٻي اننگ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهي 211 رنسن جي برتري ماڻي ورتي آهي، سندس بيٽرن مان ريسي وان ڊر ڊوسين 39، ٽيمبا بائوما 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن تھ ڪائلي ويرني 21 ۽ ويان ملڊر 11 رنسن سان پچ ٿي موجود آهن. ڪيگاسو رباڊا 5 ۽ مارڪو جانسين 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button