رانديون

ڊيوڊ ولي ۽ سنگاپوري رانديگر ٽم ڊيوڊ بار بار اسلام بابت سوال پڇيا: محمد رضوان

راولپنڊي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ سندس ٽيم جو حصو رهندڙ انگلش رانديگرن ڊيوڊ ولي ۽ سنگاپوري رانديگر ٽم ڊيوڊ بار بار اسلام بابت سوال پڇيا. نيوز ويب سائيٽ انڊيپينڊنٽ اردو جي پروگرام ۾ ملتان سلطانز جي بالنگ ڪوچ مشتاق احمد سان ڳالهائيندي رضوان چيو ته اسان کي پنهنجي مذهب تي شرم اچڻ نه گهرجي، اسان کي حضور ﷺ جي سنتن تي فخر ڪرڻ گهرجي.

محمد رضوان جو چوڻ هو ته پرڏيهي رانديگر جڏهن اسان کان اسان جي مذهب ۽ نماز بابت پڇندا آهن ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته انهن سڀني ۾ امن آهي، اسان مسلمانن کي اهو عجيب لڳندو آهي ته اسان انهن جي سامهون نماز پڙهون يا ڏاڙهي رکون پر انهن کي سٺو لڳندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button