رانديون

پاڪ-آسٽريليا سيريز لا ٻنهي ٽيمن جي راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس شروع

راولپنڊي: 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي تاريخي دوري تي آيل آسٽريلوي ٽيم راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي. پاڪستاني رانديگرن به پريڪٽس سيشن ۾ ٽريننگ ڪئي، جڏهن ته ٻئي ٽيمون اڄ به پريڪٽس ڪنديون. پريڪٽس سيشن جي وڊيو پي سي بي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جمعي 4 مارچ تي شروع ٿيندي. ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندڙ ميچن دوران 100 سيڪڙو تماشائن کي گرائونڊ تي ويهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button