عمر قاضي
هڪ طرف وزير اعظم عمران خان ايس يو پي جي سربراهه جلال شاهه سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ٻي طرف هن سنڌ حڪومت کي آڇ ڏني آهي ته ڪراچيءَ جي مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪجي. وزير اعظم جي سيد جلال شاهه سان اها ملاقات اتفاقي يا روٽين واري هئي يا ان ملاقات ۾ به پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ ڪو پيغام هو؟ اها ڳالهه ڪجهه وقت کان پوءِ پڌري ٿي پوندي. آخر هن دنيا ۾ ڪا به ڳالهه ڳجهي ته نه ٿي رهي. اها ڀلي ڪنهن جي ڇپيل شادي ڇو نه هجي؟ وزير اعظم سان سنڌ جي قومپرست جماعت جي ملاقات دوران حليم عادل شيخ به موجود هو.
وزير اعظم جڏهن به ڪراچيءَ ۾ آيو آهي ته هن ڪا نه ڪا آڇ ضرور ڏني آهي. هن ڀيري هن جي آڇ به اڳين وار جهڙي هئي. هن ڀيري به هن سنڌ جي ٻيٽن جي سلسلي ۾ اهو چيو آهي ته ٻاهريا ماڻهو پئسو لڳائڻ چاهين ٿا. سنڌ سرڪار کي ٻيٽن جي باري ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي. ڇا اها عجيب ڳالهه نه آهي ته هڪ پاسي هن قومپرست پارٽيءَ جي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ٻي طرف هن ٻيٽن تي تعميراتي منصوبو ٺاهڻ تي اصرار ڪيو آهي. جڏهن ته ان نقطي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي به وفاقي حڪومت جي مخالفت ڪري چڪي آهي. هن نه صرف ان باري ۾ بيان جاري ڪيا هئا پر هن عملي طور تي احتجاج به ڪيا هئا. هن وقت صورتحال ڪافي منجهيل محسوس ٿي رهي آهي. پر پوءِ به اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جي پارٽين جا آن دي رڪارڊ هڪڙا اشوز آهن ۽ انهن جا آف دي رڪارڊ ٻيا اشوز آهن. جيڪڏهن معاملو صرف اصولن واري سياست جو هجي ها ته پوءِ نه ڪوئي ڪنهن سان ملي ها ۽ نه ڪا تصوير ميڊيا جي زينت بڻجي ها.
وزير اعظم هر ڀيري جيان هن ڀيري به ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجا احساس ۽ جذبا بيان ڪري ويو آهي. جڏهن ته هن کي اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ته هو صرف ڪراچيءَ جو وزير اعظم ناهي پر سموري ملڪ جو وزير اعظم آهي. اهو ملڪ جنهن ۾ سنڌ جا اهي شهر به شامل آهن، جن جا دورا عمران خان ڪيتري ئي وقت تائين ڪندو رهيو هو ۽ هن کي سنڌ ۾ ترقيءَ جي نالي ۾ تباهيءَ جي سمورن معاملن جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. هو اهو به سمجهي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪڏهن به انصاف نه مليو آهي ۽ هن کي اها به خبر آهي ته شهرن جا پنهنجا شديد قسم جا مسئلا ٿين ٿا پر جيڪڏهن ڀيٽ ڪئي وڃي ته دنيا جو ڪو به ماڻهو ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ وڌيڪ مصيبت ۾ آهن. شهرن ۾ زندگي مشڪل آهي پر ٻهراڙين ۾ ته زندگي مشڪل ترين آهي. هن کي ڪراچيءَ سان گڏ حيدرآباد، نواب شاهه ۽ سکر سميت سنڌ جي سمورن شهرن جو اونو هجڻ گهرجي. ڇو ته انهن شهرن ۾ عوام جا بنيادي مسئلا هن مهل تائين حل ٿي نه سگهيا آهن. عوام بنيادي مسئلن تي حيران ۽ پريشان آهي. پيپلز پارٽي عوام کان ووٽ ته ورتو آهي پر ٻي ڪنهن پارٽيءَ جي سنڌ ۾ پوروڇوٽ وجود نه هجڻ واري معاملي جو هن پورو پورو فائدو ورتو آهي ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ جيڪا عوام ۾ احساساتي ڪيفيت آهي، ان ۾ ڪروڌ جو عنصر وڌيڪ آهي. پر اصل ڳالهه پيپلز پارٽيءَ جي مٿان پوائنٽ اسڪور ڪرڻ جي به ناهي ۽ اصل ڳالهه پنهنجي اقتداري اتحادي ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ جي به ناهي. اصل ڳالهه عوام جي مسئلن جو حل آهي ۽ ان باري ۾ حڪومت جو اولين فرض آهي ته هوءَ عوام کي ساڳي نظر سان ڏسي.
وزير اعظم عمران خان سان جن شخصيتن ملاقات ڪئي آهي، انهن ۾ ڪجهه نالن جي نه هجڻ واري ڳالهه حيران ڪرڻ جهڙي آهي. پر ان دوري جو اصل مقصد ڇا هو؟ جڏهن ته سنڌ جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ ڪٿي به ميٽنگ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هڪ پوئتي پيل ۽ مسلسل پوئتي پوندڙ صوبي جي سهائتا جو سوال آهي ته ان جي لاءِ سڀني کي مڙي مٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ سڀ کان وڏو مسئلو قول ۽ فعل جي تضاد وارو آهي. جڏهن ڪنهن کان به پڇا ڪئي وڃي ٿي ته هو عوام جي لاءِ هر قسن جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر حقيقت ۾ هو پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ پنهنجي ان تان هيٺ لهڻ جي لاءِ تيار ناهي. اها سچائي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا سياسي اڳواڻ تائين نه پر مجموعي طور تي اهو ڪجهه اسان کي هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ڪجهه ئي اسان جي سياست جو الميو آهي. جيڪڏهن اسان جي سياست ۾ قول ۽ فعل جو اهو تضاد نه هجي ته اسان جي عوام جا مسئلا ڪڏهن جو ختم ٿي چڪا هجن ها. مسئلن جي هجڻ جو سبب سياسي پارٽين جي غيرسنجيدگي ۽ سچائي کان پري هجڻ واري روش آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ڏاهي جو قول آهي ته “اسان جا مسئلا ڪڏهن جو حل ٿي چڪا هجن ها. جيڪڏهن اسان سان ڪيل واعدا وفا ٿين ها” اصل معاملو اهو ئي آهي ته عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ٿا ٿين. ان سلسلي ۾ اردوءَ جي هڪ شاعر جو تمام بهترين شعر آهي:
“ايڪ وعده هي ڪسي ڪا جو وفا هوتا نهين
ورنه ان تارون ڀري راتون مين ڪيا هوتا نهين”
سياست جي دنيا ۾ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو پر جيڪڏهن ڪجهه نه ٿو ٿئي ته عوام جا اهنج ختم ٿيڻ جو نالو ڪوئي نه ٿو وٺي.
پاڪستان جي سياست جا جيڪي به منفي لاڙا آهن، اهي هن مهل تائين جيئن جو تيئن موجود آهن. ڪڏهن به ڪنهن لاڙي ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي، جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ته هاڻي سياست ۾ مثبت شين جو مقدر به وڌي رهيو آهي. اسان جي سياست هر ڏينهن وڌيڪ منفي ٿي رهي آهي. سنڌ جا سور به ساڳيا آهن ۽ سياستدانن جا اعلان به اهي ئي آهي. اهي سياستدان صوبائي هجن يا وفاقي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. سياست ۾ انهن جو ڪردار لڳ ڀڳ هڪجهڙو ٿي وڃي ٿو. ڇو ته هو جنهن ايجنڊا جي تڪميل لاءِ سياست ڪن ٿا، اها ايجنڊا عوامي ناهي. اها ايجنڊا جيڪڏهن حقيقي طور تي عوامي هجي ها ته هن طرح ويڙهايو ۽ الڳ ڪريو ۽ پوءِ حڪومت ڪريو واري پاليسي هن وقت تائين نه هلي ها. اها پاليسي به اسان کي اسان جي اڳوڻن آقائن کان ورثي ۾ ملي آهي ۽ اسان جا سياستدان ان کي هاڻي به نهايت ايمانداريءَ سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. انهن جي بيانن ۽ عمل ۾ ايترو ته تضاد آهي جو انسان مٿي تي هٿ ڏئي سوچڻ لڳي ٿو ته آخر انهن مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟
ڪراچي پاڪستان جو اهم شهر هجڻ سان گڏ سنڌ جي گاديءَ وارو شهر به آهي. سنڌ ۾ جهڙي طرح لساني سياست جو ڪردار رهيو آهي ۽ جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن، تڏهن اسان جون پارٽيون ڪو نه ڪو نفرت جو اشو اڳيان کڻي اينديون آهن. عمران خان کي ڪراچيءَ ۾ ووٽ پيا آهن پر عمران خان کي ڪٿي به ووٽ ملي ٿي سگهيا. هو ٿر ۾ به جيڪڏهن سياسي سرگرمي ڪندو ته ٿر جا واسي به هن کي ووٽ ڏيندا. پر اها ڳالهه تمام افسوس واري ٿيندي ته عمران خان ۽ خاص طور تي وزير اعظم جي حيثيت ۾ هو ڪراچيءَ جي مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪري پر هو ڪنهن به حوالي سان سنڌ جي انهن شهرن جو تذڪرو به نه ڪري جن کي ڪرپشن ۽ نااهليءَ تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ۽ هن مهل تائين سنڌ جي مٿان اها مصيبت ختم نه ٿي آهي. سياست صرف اقتداري راند جو نالو نه هجڻ گهرجي. سياست ۾ ڪجهه عوام دوستيءَ جا داڻا به داخل ڪبا ته هي ماحول تبديل ٿي ويندو. هي ماحول جنهن ۾ مثبت شيون گهٽ ۽ منفي شيون وڌيڪ آهن. سنڌ تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. هاڻي سياست جي پراڻن پورن کي سنڌ جي سورن تي رحم کائڻ گهرجي.