سنڌ

سن ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪندڙ پورهيت هيٺ ڪري فوت

سن ڀرسان لاکڙا ڪول جي ڪريم ڪول ڪمپني ۾ کاڻ اندر ڪم ڪري ٻاھر نڪرندڙ نوجوان مهراڻ خان پٺاڻ هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. پورهيت نوجوان جو لاش پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو. ان ڏس ۾ پورهيت ٻڌايو ته ڪريم ڪول ڪمپني ۾ رات جو کاڻ ۾ ڪم لا ويندڙ پورھيت نوجوان جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ايمرجنسي ۾ زنبيل تي واپس اچي رھيو ھو ته زنبيل ٽٽڻ سبب کاڻ اندر ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ڪريم ڪول ۾ جنازي نماز ادا ڪري پورھيت جو مڙهه ان جي اباڻي ڳوٺ خوازه خيلا پشاور نيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button