سنڌ

مانجهند ۾ آبادگارن جي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

مانجهند جي آمري پمپنگ اسڪيم جي سوين آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف آمري ٿاڻي کان ريلي ڪڍي عابد پيٽرول پمپ وٽ مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خادم حسين ڇڇر، علي اڪبر ڇڇر، اصغر علي ڇڇر ۽ حسين بخش ڇڇر چيو ته وزيراعلى سنڌ جو ماڻهو سڏائيندڙ هادي بخش رند ۽ سائين بخش رند آمري مخالف آبادگارن جا واٽر لٽائي پنهنجون غيرقانوني زمينون آباد ڪري رهيا آهن. اسان جا لکين روپين جا فصل مرچ، بصر ۽ ٻيا فصل سڪي رهيا آهن. آبپاشي عملدار، ايس ايڇ او آمري، ڊي ايس پي آمري سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل هادي بخش رند ۽ ان جي ڀا سائين بخش رند جي ڪمداري ڪري رهيا آهن، پاڻي پئسن تي بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. اسان جي واٽر ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري زمينن مان واري اڏامي رهي آهي ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button