پاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ اربن فلڊنگ جو خطرو

ڪراچي: عربي سمنڊ ۾ هوا جي گهٽ داٻ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان ۽ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، ان حوالي سان موسميات کاتي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءُ جو رُخ ڀارتي گجرات ڏانهن آهي ۽ شدت واريون چوماسي جون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، ٻه آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ ٻه آڪٽوبر تائين مينهن وسي سگهي ٿو.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته طوفاني برساتون ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، گڏوگڏ بدين، ٺٽي، حيدرآباد ۽ دادو سميت لسٻيلي، سونمياڻي، اورماڙا، پسني، گودار، تربت ۽ جيواڻي ۾ به طوفاني برساتن سبب اربن فلڊنگ جو خطرو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button