پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

لاڙڪاڻي ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري نوجوان فوت ٿي ويو. لاڙڪاڻي ويجهو درگاهه يوسف شاهه جيلاني وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نظر پاڙي واسي ميهر چانڊيو، اسد چانڊيو ۽ ان جو ڀاءُ منظور چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڪار ڊرائيور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي زخمن جا سور نه سهندي 4 ٻارن جو پيءُ 35 ورهين جو ميهر چانڊيو فوت ٿي ويو. حادثي ۾ زخمي ٿيلن ٻڌايو ته اسان درگاهھ شاهه گودڙيو کان واپس لاڙڪاڻي اچي رهيا هئاسين ته درگاهه يوسف شاهه جيلاني وٽ تيز رفتار ڪار سوار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو حادثو پيش آيو. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button