پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪار ڊيلر کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي الله آباد پاڙي جي رھواسي عورتن دلبر شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ توڙي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت شھزادي شيخ پنهنجي نڻان سعيده خاتون ۽ ماسي اشرف خاتون سان گڏجي دانهيندي چيو ته مڙس دلبر شيخ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، جنهن مارڪيٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اھلڪارن نظام ماڇي، راجا ماڇي ۽ جاني ماڇي معرفت ڪوئيٽا واسي بااثر پٺاڻ شفيع محمد کان مختلف وقتن تي 7 ڪارون خريد ڪيون، جيڪي ويريفڪيشن ۾ پنچ ۽ چوري ٿيل نڪتيون، جڏهن ته انهن جا ڪاغذ پڻ جعلي نڪتا. هن الزام لڳائيندي چيو ته اهڙو فراڊ ظاهر ٿيڻ بعد دلبر شيخ مٿي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن معرفت شفيع پٺاڻ کي گاڏيون واپس ڪيون پر هن بدلي ۾ ھڪ ھنڊا ويسل گاڏي ڏني ۽ رھيل 90 لک ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڌمڪيون ڏنيو. 2 ڏينهن اڳ 27 سيپٽمبر رات جو 4 وڳي ڪراچي پوليس، مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مڙس دلبر شيخ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻو پوليس رشوت عيوض بااثر پٺاڻ جي ونگارو بڻيل آهي،مارڪيٽ ٿاڻي جا اھلڪار، ڪوئيٽا جو بااثر پٺاڻ اغوا ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر شفيع پٺاڻ، پوليس اھلڪارن نظام ماڇي، راجا ماڇي ۽ جاني ماڇي خلاف ڪارروائي ڪري مڙس کي آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button