رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ اڱاري پهرين ون ڊي ميچ، تياري مڪمل

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز اڱاري کان لاهور ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪاميابي جي حوالي سان ٻنهي ٽيمن قذافي اسٽيڊيم ۾ اچي ڀرپور قسم جي پريڪٽس ڪئي آهي. هوڏانهن ڊي اينڊ نائيٽ ميچ ڏسندڙ شوقينن بابت پي سي بي ظابطن جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت شوقينن کي ڪووڊ ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ گڏ کڻي اچڻ جو چيو ويو آهي. هوڏانهن آسٽريليا جي ايڊم زمپا ۽ پاڪستان جي حارث رئوف ون ڊي ميچن کي چيلنج قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ آسٽريلوي بيٽر عثمان خواجا جو چوڻ هو تھ اسان دنيا کي ڏيکارڻ چاهيو پئي تھ اسان کي ڪرڪيٽ جي وڏي پرواهه آهي. هن چيو تھ يقين آهي تھ پاڪستان جو ڪرڪيٽ ۾ مستقبل روشن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button