رانديون

ويمن ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

ويمن ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ انگلينڊ جي ويمن ٽيم بنگلاديش ويمن کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ۾ ٿيل اهم مقابلي ۾ انگلينڊ ويمن بنگلاديش کي 100 رنسن تان شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪيو آهي. جڏهن تھ بنگلاديش ويمن انگلينڊ جي 234 رنسن جي موٽ ۾ 134 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. انگلش بيٽر صوفيا ڊنڪلي 67 رنسون ٺاهي نمايان رهي، نيٽ سيور 40، ٽيمسن بيومونٽ 33 ۽ ايمي جونز 24 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جي بيٽرن مان لتا مونڊل 30، شميما سلطان، شرمين اختر 23،23 ۽ نگار سلطانا 22 رنسون ٺاهي سگهيون. انگلش بالرن چارلي ڊين ۽ صوفي ايڪليسٽون 3،3 بيٽر آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button