رانديون

ويسٽ انڊيز فتح ڏي پير وڌائي ڇڏيا، انگلينڊ جا 103 تي 8 آئوٽ

ويسٽ انڊيز ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ فتح ڏانهن پنهجا پير وڌائي ڇڏيا آهن، ڇوتھ انگلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 103 رنسن تي پنهنجون 8 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز آخري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ 65 رنسن جو اضافو ڪري 297 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سندس بيٽر جوشوئا ڊا سلوا سنچري هڻڻ ۾ ڪامياب، ڪيمار روچ 25، جاڊن سيلز 13 رنسون ٺاهي اسڪور اڳتي وڌايو آهي. انگلينڊ ٻي اننگز کيڏڻ شرط ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جي بيٽرن مان رڳو ايلڪس ليز 31 ۽ جوني بيريسٽو 22 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ 7 بيٽر تھ ڊبل فگر ۾ نھ اچي سگهيا آهن. اهڙي ريت ڪرڪس ووڪس 9 ۽ جيڪ ليچ هڪ رنس سان ڪريز تي موجود آهن، جنهن بعد انگلش ٽيم ويسٽ انڊيز تي رڳو 10 رنسن جي برتري ماڻي سگهي آهي. ويسٽ انڊيز جي بالرن ڪائلي مائيرس 5 وڪيٽون وٺي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ جاڊن سيلز ۽ الزاري جوزف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button