

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي پي سي بي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهم ذميواري ملڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق رميز راجا جي چيئرمين مقرر ٿيڻ کانپو پي سي بي ۾ نين مقررين ۽ برطرفين وارين موجوده سرگرمين ۾ يونس خان اهم عهدي جي لا مضبوط اميدوار طور سامهون اچي ويو آهي. يونس خان ان کان اڳ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ رهي چڪو آهي.