رانديون

ڪائنات ۽ عاليھ سميت 18 ڪرڪيٽرياڻيون ٽريننگ لا طلب

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومنز ڪرڪيٽرن جي ٽريننگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 18 ڪرڪيٽرياڻين کي شرڪت جي لا سڏايو ويو آهي. ميڊيا مطابق 5 آڪٽوبر کان 20 آڪٽوبر تائين جاري رهڻ واري انهي ڪيمپ ۾ شرڪت لا سڏايل رانديگرياڻين ۾ ڪائنات امتياز، عاليھ رياض، ايمن انور، انعم امين. عائشھ ظفر، فاطمھ ثنا، ڊيانا بيگ، ارم جاويد، جويريھ خان، ماهم طارق، منيبھ علي، نشرا سنڌو، ندا ڊار، عميمھ سهيل سعديھ اقبال، سدرا امين، سدرا نواز ۽ رامين شميم شامل آهن. پي سي بي موجب اها ٽريننگ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button