رانديون

مهاراج هٿان بنگلاديش 53 رنسن تي ڍير، ڏکڻ آفريقا ٽيسٽ کٽي ورتي

ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي پهرين ٽيسٽ ۾ 220 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، بالر ڪيشو مهاراج 7 وڪيٽون وٺي بنگلاديش جي ٽيم کي 53 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڊربن ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏهاڙي تي بنگلاديش جي ٽيم ڏکڻ آفريقا جي 274 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 53 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان نجم الحسن شنٽو 26 ۽ تسڪين احمد 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، اهڙي ريت 5 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا، محمدالحسن 4، لٽن داس ۽ تسڪين احمد 2،2 ۽ ياسر علي 5 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقي بالرن مان ڪيشو مهاراج 7 وڪيٽون وٺي ٽيسٽ کٽرائي، سائمن بھ ٽن جو شڪار ڪيو آهي. بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 298 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 367 ۽ ٻي اننگز ۾ 204 رنسون ٺاهيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button