رانديون

ول ينگ ۽ گپٽل جون سنچريون، نيوزيلينڊ هٿان نيڌرلينڊ کي شڪست

نيوزيلينڊ جي ول ينگ ۽ مارٽن گپٽل شاندار راند کيڏندي سنچريون هڻي نيوزيلينڊ کي ون ڊي ۾ وائيٽ واش شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ويمچن واري ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ نيڌرلينڊ جا بيٽر نيوزيلينڊ جي 333 رنسن جي موٽ ۾ 218 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي گپٽل، 106 ۽ ول ينگ 120 رنسون ٺاهي ٽيم کي ميچ کٽرائي ورتي، ٻين بيٽرن مان ٽام ليٿم 23، ڊوگ بريسويل 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيڌرلينڊ جي بيٽرن مان اسٽيفن مائيبرگ 64 ۽ لوگان وان بيڪ 32، وڪرم جيت سنگهه 25 ۽ مائيڪل رپن 24 رنسون ٺاهي ورتيون. جڏهن تھ هن ميچ ۾ نيڌرلينڊ 115 رنسن تان شڪست کاڌي آهي. ڪيوي بالر ميٽ هينري 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button