
ڏکڻ آفريقا بنگلاديش کي ٻي ٽيسٽ ۾ بھ 332 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي، بالر ڪيشو مهاراج ٻي اننگز ۾ 7 وڪيٽون وٺي ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 413 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 80 رنسن ٺاهي 332 رنسن تان شڪست کاڌي آهي. بنگلاديش بيٽر لٽن داس 27، مهدي حسن 20 رنسن سان نمايان رهيا، تميم اقبال 13 رنسون ٺاهي سگهيو، سندن 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا ۽ 3 ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا آهن. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 453 ۽ ٻي اننگز ۾ 176 رنسون ٺاهي 6 وڪيٽن تي پنهنجي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي. بنگلاديش پهرين اننگ ۾ 217 رنسون ٺاهيون. ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقي بالر ڪيشو مهاراج ٻي ٽيسٽ ۾ پليئر آف دي سيريز ۽ پليئر آف دي ميچ جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا آهن.