
ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي نادرا آفيس ۾ زال جو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل ٻيراڻي جو رهواسي پيرسن رش دوران گرمي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي نادرا آفيس ۾ گھرواري جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل 60 ورهين جو پيرسن تعليم کاتي جو رٽائرڊ ملازم ٻيراڻي واسي عبدالجليل ولد سليمان راجپوت ماڻھن جي پيھه ۾ سخت گرمي لڳڻ سبب دل جو دورو پورڻ جي ڪري فوت ٿي ويو، ايمبولينس نه ملڻ ڪري مڙھه کي چنگچي رڪشا ۾ کڻي تعلقي اسپتال آندو ويو. فوتي جي گھرواري ٻڌايو ته نادرا آفيس ۾ معمول موجب سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وارن جي غير معمولي پيهھ ھئي، مڙس منهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل ھو، ٽوڪن وٺڻ لاءِ فجر کان لائين ۾ بيٺل ھو، رش دوران سخت گرمي ڪري مڙس کي دل جو دورو پيو. هوڏانهن فوتي جي زال روئيندي رهي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ٻيراڻي کڻائي ويا. نادرا آفيس ۾ ٽن تعلقن ٽنڊوآدم، ڄام نواز علي ۽ جهنڊو مري مان روز سوين ماڻھو شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ اچن ٿا، جتي ماڻهن لا پاڻي ۽ ڇانو جو ڪو به بندوبست ناهي.