پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي لڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

ڊگهڙي: ڊگهڙي ڀرسان چڙي مار اسٽاپ تي 2 ڏينهن اڳ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿيل نوجوان بلاول عرف دودو مياڻو زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مقتول جي قتل جو ڪيس گذريل رات احمد علي مياڻو جي فرياد تي ڊگهڙي پوليس جاويد مياڻو، جميل مياڻو، مظفر مياڻو ۽ پنج نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪري ورتو. فريادي موجب ڳوٺ ۾ منهنجي سئوٽ غلام رسول مياڻو جو دڪان آهي، جنهن تان جاويد مياڻو اوڌر تي سامان وٺندو آهي، اوڌر تي ڏنل سامان جا پئسا گهرياسين، جنهن تان مڇرجي جاويد مياڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهرن ۾ داخل ٿي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ بلاول عرف دودو مياڻو، غلام شبير مياڻو ۽ چنيسر مياڻو زخمي ٿي پيا هئا، جن مان بلاول مياڻو فوت ٿي ويو. ذريعن موجب پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button