
ميرپورخاص: ڪنري ۾ احساس ڪفالت جا پئسا نه ملڻ تي عورت کي ساهرن مبينا تشدد ڪري باهه ڏئي ڇڏي، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي متاثر عورت وارثن سان گڏ ميرپورخاص ۾ احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب ڪنري جي ڳوٺ مور جھنگو واسڻ مڙس ۽ ساھرن جي مبينا تشدد جو نشانو بڻيل ورجو ڪولھي پنھنجي ما ۽ ڀا جيرام ڪولھي سان گڏ مڙس ۽ ساھرن جي زيادتين خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر عورت ورجو ڪولھي صحافين اڳيان دانھيندي چيو تھ اشوڪ ڪولھي سان شادي ٿيل آھي، جيڪو ڪم ڪار نھ ڪندو آھي ۽ موالي آھي، احساس ڪفالت سينٽر تان مون کي پئسا ملن ٿا، ھن ڀيري آئون سينٽر تي پئسا وٺڻ ويس ته عورتن جي رش سبب پئسا نھ ملي سگھيا، جيئن گھر پھتيس تھ مڙس اشوڪ پئسن جي گھر ڪئي، پئسا نھ ملڻ جو ٻڌائڻ تي مڙس اشوڪ، سھرو والجي ۽ سس ريشم مڇرجي پيا، جن وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد مون مٿان پيٽرول ھاري باهھ ڏيئي ڇڏي، رڙين تي پاڙيوارن پھچي منھنجي جان بچائي، باهھ لڳڻ سبب منھنجا ٻئي ھٿ، ٻانهون ۽ ڄنگهون سڙي زخمي ٿي پيون آھن، جنھن بعد ڪنري ٿاڻي تي وياسين، پر پوليس ڪيس داخل نھ ڪيو، نھ وري علاج لا ليٽر ڏنو، علاج نھ ٿيڻ سبب ڦٽن ۾ سخت سور آھي، مجبور ٿي مائٽن جي گھر پھتي آھيان، هاڻ مڙس ۽ ساھرا اغوا ڪرڻ سميت مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏين پيا، جنھن ڪري خوف حراس ۾ مبتلا آھيون. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.