
بالي ووڊ جي تمام گهڻي بحث هيٺ رهندڙ شادي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي شادي مقرر امڪاني تاريخ تي ملتوي ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي شادي جون رسمون 13 ۽ 14 اپريل تي آر ڪي اسٽوڊيو ۾ رٿيون ويون هيون، پر هاڻ ان کي ملتوي ڪيو ويو آهي. عاليا ڀٽ جي ويڳي ادا راهول جو چوڻ آهي تھ شادي جي تاريخ ليڪ ٿيڻ سبب سيڪيورٽي رسڪ هو، تنهنڪري هاڻ اها شادي 20 اپريل ٿي تي ٿي سگهي ٿي.