سنڌ

خيرپور ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ،شهرين جو احتجاج

خيرپور شهر ۾ واٽر سپلا بند ٿيڻ ڪري مختلف پاڙن ٻٽرڙو، عابد ڪالوني، الطاف ڪالوني، بچل شاهه پاڙو، مير علي بازار، خانڻ شاهه پاڙو، نظاماڻي پاڙو، مل ڪالوني، شيشم ڪالوني، لقمان، جناح ڪالوني، سوڪ سينٽر، سائده ڳوٺ، آخوند پاڙو، جيلاني پاڙو، بخاري پاڙو، منشي پاڙو، بابو شاهه محمد ڪالوني، ڳاڙهي پل، ٽالپر ڪالوني، سٽيزن ڪالوني، مدينه ڪالوني، بنارس ڪالوني، عرشيه ڪالوني، ميمڻ پاڙو، شاهي بازار، حيدري بازار، ايوب بازار، پنجهٽي، گودوشاپ پاڙو، ڏٻر پاڙو، اوستاگاهي پاڙو، وريل شاهه پاڙو، شهيد آباد ڪالوني، فيض آباد ڪالوني، سليم آباد ڪالوني سميت خيرپور جي پنجاهه کان وڌيڪ پاڙن ۽ ڪالونين ۾ شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. جنهن جي خلاف شهرين محمد علي شاهه، حاجي خان گبول، حيدر بخش ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته جنھن ڏينھن کان رمضان شروع ٿيو آهي، ان ڏينهن کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button