
صالح پٽ لڳ ڳوٺ هٽڙي ۾ گيسٽرو جي بيماري وبا بنجي پکڙجڻ لڳي، هڪ ئي ڏينهن ۾ معصوم ڀا ۽ ڀيڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ٻار وبا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺ هٽڙي جي ڳوٺاڻن دين محمد ابوپوٽو، برڪت ابوپوٽو ۽ ٻين دانهيو ته ڪجهه ڏينهن کان اسانجي ڳوٺ هٽڙي ۾ معصوم ٻارن کي دست ۽ الٽين جي بيماري ٿي پئي آهي، جنهن ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 ٻار 12 سالن جي ستارا ۽ 9 سالن جو سلطان احمد پٽ محمد بچل ابوپوٽو فوت ٿي ويا. جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ٻار وبائي بيماري ۾ مبتلا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان ريگستاني علائقي ۾ رهون ٿا. ويجهو علاج جي ڪابه سهولت ناهي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري ڊاڪٽر موجود آهي، جنهنڪري اسان ٻارن کي 50 ڪلوميٽر پري کڻي روهڙي ۽ سکر جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور آهيون.