رانديون

افغان ڇوڪرين جي فٽبال ٽيم پرتگال ۾ پناهه ورتي..!!

لزبن (اسپورٽس نيوز) افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول سنڀالڻ کانپو ملڪ کي ڇڏيندڙ ڇوڪرين جي فٽبال ٽيم پرتگال ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق افغان طالبان جو ڇوڪرين کي راند کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار بعد فٽبال ٽيم جون رانديگرياڻيون ملڪ کي هميشھ لا ڇڏي پرتگال پهتيون آهن، ڇوتھ پرتگالي حڪومت انهن کي پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.  هوڏانهن لزبن شهر تفريحي ماڳ گهمڻ وقت ڳالهائيندي فٽبال رانديگرياڻي سارا خان جو چوڻ هو تھ وطن کي ڇڏڻ تڪليف وارو قدم هو، هاڻ پرتگال ۾ محفوظ آهيان. مون کي لڳي ٿو تھ هڪ ڏينهن رونالڊو سان ملنديس، مان ان جهڙي بڻجڻ چاهيان ٿي. هوڏانهن فرخندا ۽ ٻين رانديگرياڻين ٻڌايو تھ برداشت ۽ صبر جي ڪري هتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيوسين، هتي راند ۽ تعليم پرائڻ چاهيون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button