رانديون

عمر اڪمل پي سي بي کان رسي آمريڪا هليو ويو..!!

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا يافتھ ڪرڪيٽر عمر اڪمل پي سي بي کان رسي آمريڪا هليو ويو آهي. ميڊيا مطابق عمر اڪمل کي پي سي بي في الحال رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني هئي، هو ري هيپ پروگرام ۾ شامل آهي، پر نيشنل ٽي 20 ڪپ جي مقابلن ۾ هو بهتر نموني سان پرفارم نھ ڪري سگهيو، هن 5 ميچن ۾ رڳو 66 رنسون ٺاهيون ۽ سندس بهترين اسڪور 29 هو. هوڏانهن ساڍا 42 لک ڏند ادا ڪري واپسي ڪندڙ عمر اڪمل مايوس ٿي آمريڪا هليو ويو آهي، جتي هو آرام سان گڏ ڪرڪيٽ بھ کيڏندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڊگهي مدي وارو معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش بھ ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button