رانديون

ايشين ريسلنگ چمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي 2 ريسلرن کي شڪست

ايشين ريسلنگ چمپيئن شپ جي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جي ٻن ريسلرن کي شڪست ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق منگوليا ۾ جاري ايونٽ جي اهم مقابلي ۾ شڪست بعد پاڪستان جي ٻئي ريلسر مورڳو ئي نڪري ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 61 ڪلوگرام فري اسٽائيل مقابلي ۾ محمد بلال کي ڪورين ريلسر ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 11 پوائينٽن تان هارايو آهي. جڏهن تھ عنايت اللھ کي 65 ڪلو فري اسٽائيل مقابلي ۾ جاپاني ريلسر شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪستان جو محمد انعام اڄ ڪوارٽر فائنل ۾ ڪرغستان جي ريسلر سان ميدان تي لهندو، جنهن جي ڪاميابي ۽ پاڪستان کي ميڊل کٽڻ جي اميد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button