
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ۾ ٽيسٽ ڪوچ جي حوالي سان گراهم فورڊ کي ذميواريون ڏيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر روب ڪي ٽيم جي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 جا ڌار، ڌار ڪوچ مقرر ڪرڻ جو رٿي ورتو آهي، جنهن بابت هن ڪجهه تجويزون پڻ تيار ڪيون آهن. امڪان آهي تھ گراهم فورڊ نومبر ۾ آئرلينڊ جي هيڊ ڪوچ وارو عهدو ڇڏڻ بعد انگلينڊ جي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ٿيندو.