رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز، 16 بيڊمنٽن رانديگر ٽريننگ ڪيمپ ۾ طلب

برمنگهم ڪامن ويلٿ گيمز جي رٿيل ايونٽ ۾ شرڪت جي حوالي سان پاڪستان بيڊمنٽن فيڊريشن تياري شروع ڪندي 16 رانديگرن کي ٽريننگ ڪيمپ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان بيڊمنٽن فيڊريشن ٽرائلز خاطر 8 بهترين رينڪنگ وارا رانديگر بھ سڏايا آهن. جڏهن تھ رانديگرن جي ٽريننگ بعد ڪامن ويلٿ گيمز جا ٻھ عورت ۽ ٻھ مرد رانديگر چونڊيا ويندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، ٽريننگ ۾ سڏايل رانديگرن ۾ ماحور شهزاد، پلوشا بشير، الجا طارق، غزالا صديقي، مراد علي، عرفان ڀٽي، محمد علي ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button