اسلام آباد

فوج مخالف بيانن واري الزام جو جواب جلسي ۾ ڏيندس: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته شهباز شريف مون تي فوج مخالف بيان ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، جنهن جو جواب جهلم ۾ ٿيندڙ عوامي جلسي ۾ ڏيندس. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سمورو شريف خاندان ئي ڪوڙو آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف هن ملڪ جا اصل مير جعفر ۽ مير صادق آهن، انهن کي شرم اچڻ گھرجي ته مديني منوره جي واقعي تي اسان خلاف ايف آءِ آر ڪٽي ڇڏي. عمران خان جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي قومي اسميبلي ۾ تقرير جو جواب جلسي ۾ ڏيندس، توهان آمريڪا سان گڏجي سازش ڪئي ۽ هڪ حڪومت ڪيرائي، منهنجي وڃڻ ۽ انهن جي اچڻ سان سڀ کان وڌيڪ خوشي ڀارت کي ٿي. هن چيو ته سموريون ڳالهيون پهريان کان ئي چئي رهيو آهيان، عوام غيرمند آهي، دلير آهي، ڪرپٽ ۽ بزدل هن قوم جي مٿان ويٺا آهن، مون کي ٻڌايو ته ڪهڙي ملڪ جو وزيراعظم لنڊن جي سڀ کان مهانگي علائقي ۾ رهيو، هي ملڪ لٽڻ لاءِ آيا هئا، هي مير جعفر ۽ مير صادق آهن، پهريون انهن مشرف کان اين آر او ورتو، انهن ماڻهن ملڪ کي هن حال تي پهچايو. سندس چوڻ هو ته ڏکيا وقت ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي مليا هئا، 20 ارب ڊالر جو پرڏيهي خسارو ڇڏي ويا هئا، اسان سڀ کان وڌيڪ ڊالر کڻي آياسين، ايڪسپورٽ وڌائي، ملڪ ۾ پنج وڏن فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، اسان جي دور ۾ سڀ کان گھٽ بيروزگاري ٿي، ڪرونا جي ڪري سڄي دنيا متاثر ٿي، اسان ڪورونا ۾ معيشت کي به بچايو ۽ ماڻهن کي به. عمران خان موجب آءِ ايم ايف جي رپورٽ هئي ته پاڪستان پائيدار ترقي طرف نڪري پيو آهي، سموري پاڪستان جا ڏوهاري پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، عمران خان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، منهنجي ڪا ٻاهر ملڪيت ناهي، مان سياست ناهيان ڪري رهيو، مان انهن خلاف جهاد ڪري رهيو آهيان، منهنجي وڃڻ ۽ انهن جي اچڻ سان ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون. پنهنجي مٿان ڪيسن تي ڳالهائيندي هن چيو هو ته اسان ڪڏهن به پنهنجي ملڪ کي نقصان نه پهچائينداسين، انهن کي شرم اچڻ گھرجي جو اسان خلاف ايف آءِ آر ڪٽي ڇڏيائون، شهباز شريف سڀ کان وڌيڪ پوليس مقابلن ۾ ماڻهو مارايا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو هڪ شيءِ گھرون ٿا، اليڪشن، مان 20 تاريخ کانپوءِ سڏ ڏيندس، جيڪو اسلام آباد ۾ نٿو اچي سگھي پنهنجي علائقن ۾ نڪري، هتي اچي مان توهان کي ٻڌائيندس، هنن پلان ڪيو آهي ته عمران خان کي پڪڙينداسين، هي جيڪو به پلان ڪندا پنهنجو نقصان ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button