يامين جتوئي
تضاد ”دوستاڻُو“ به ٿيندو آهي؟
ڪامريڊ بخشل باربار ”دوستاڻي تضاد“ ۽ کاٻي ڌر جي ”اندر“ جي تضاد جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن بابت به اڄ اسان ڪجهه ڳالهيون رکڻ چاهيون ٿا. وقت ۽ اخباري اسپيس جي حدن کي نظر ۾ رکندي اسان تضاد جي تصور جي تاريخي ارتقا جي ڇنڊڇاڻ بدران رڳو ان جي بنيادي مارڪسي وصف کي بيان ڪندي ڪجهه ڳالهيون رکي بحث کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
مارڪسزم موجب اهڙو تعلق جنهن جي خاصيت ضدن جو اتحاد ۽ گڏوگڏ انهن وچ ۾ مسلسل جدوجهد هجي، تضاد چيو ويندو آهي. ضد هڪٻئي کان ڌار نٿا ٿين. ان جي ابتڙ اهي هڪ ئي لقا اندر موجود رهن ٿا ۽ گڏجي ان جو ارتقائي عمل طئي ڪن ٿا، اهي هڪٻئي کان سوا زنده نٿا رهي سگهن. مثلن، بورجوا سماج جو بنيادي تضاد سرمائي ۽ اجرتي پورهئي يا سرمائيدار طبقي ۽ مزدور طبقي جو تضاد آهي. جنهن تحت موجوده تاريخي اوسر جو عمل جاري آهي. جيڪڏهن بورجوا سماج کي قائم رهڻو آهي ته انهن ٻنهي ضدن جي وچ ۾ رشتي (تضاد) جو قائم رهڻ ضروري آهي، انهن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جو خاتمو سرمائيداري جو خاتمو ٿي ويندو. تنهنڪري، اهو خيال ته هڪ ضد کي ٻئي کان ڌار ڪيو وڃي، لقا جو موت اچي ويندو. جڏهن ته ان تضاد جو ڪو به نبيرو نٿو ٿي سگهي، سوا انهن ٻنهي مان هڪ جي خاتمي جي، جنهن سان اهو تضاد ختم ٿي وري هڪ نئين تضاد جي تاريخي شڪل وٺي. جيڪو صرف خاص ڪري سماجن اندر وڏين سماجي بغاوتن، اٿل پٿل ۽ انقلابن کانسوا ممڪن ڪونهي. اها آهي تضاد جي بنيادي مارڪسي وصف. جيئن ته آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ بورجوا سماج جي بنيادي (دشمناڻن) تضادن کي حل ڪري يا دشمناڻن طبقن جو خاتمو آڻي سوشلسٽ سماج قائم ڪيو ويو، تنهنڪري، 1920ع جي آخر ۽ 1930ع جي شروعات ۾ سوويت فلسفين سماجي رشتن ۾ موجود تضادن جي درجابندي ڪندي، مارڪسسٽ فلسفي ۾ تضاد جو هڪ نئون تصور ڏنو، جنهن کي غيردشمناڻو (نان اينٽاگنسٽڪ) تضاد يا دوستاڻي تضاد جو نالو ڏنو ويو. جنهن تحت دعويٰ ڪئي وئي ته سوويت سماجي تضاد ڪنهن وڏي شديد سماجي اٿل پٿل کان سوا نبرجي ويندا. سوويت فلسفين جو خيال هو ته بورجوا سماج جي ابتڙ، جتي دشمناڻا تضاد وڏي سماجي اٿل پٿل، بغاوتن ۽ انقلابن وسيلي حل ٿين ٿا، جيئن ته انقلاب جي نتيجي ۾ سوشلسٽ سماج اندر دشمناڻا تضاد ناهن رهيا، هاڻي ”غيردشمناڻا تضاد“ باقي رهيا آهن، جيڪي سماجي طوفانن ۽ بنيادي تبديلي کانسوا هڪٻئي ۾ ضم ٿي ويندا. يعني بغير ڪنهن سماجي طوفانن، ڌماڪن ۽ تشدد جي ۽ تضاد جي ڪنهن به هڪ پاسي جي تباهي جي حل ٿي ويندا. سوويت فلسفين جو خيال هو ته سوشلسٽ سماج عبوري دور جي اندروني ٽڪرائن (غيردشمناڻي تضاد) کي بتدريج ۽ پرامن طور نبيري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي ويندو. پر گذريل صدي جي 90ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ رد-انقلاب جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو ته سوويت يونين ۾ غيردشمناڻن يا دوستاڻن تضادن نالي ڪا به شئي موجود نه هئي. ايئن به نه هو ته اهي اسٽالن جي لاڏاڻي جي ستت پو وجود ۾ اچي ويا. اهي دراصل روس جي سماجي رشتن ۾ ڪنهن نه شڪل ۾ موجود هئا. اسٽالن جي دور ۾ به ۽ لينن جي دور ۾ پڻ.
سوويت انهدام کان پو اهو سوال اڀري پئي سگهيو ته جيڪڏهن سوويت يونين ۾ ڪي به ”دشمناڻا تضاد“ نه هئا ته پو رد انقلاب ڇو اچي ويو؟ سرمائيداري ڇو بحال ٿي وئي؟ ان تي قدامت پسند روايتي ليفٽ ڪو ڌيان نه ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو دوستاڻي تضاد جو تصور اڄ به رائج آهي.
بنيادي طور ”غيردشمناڻن تضادن“ مان سوويت فلسفين جي مراد خاص ڪري حڪمران صنعتي مزدورن، هارين ۽ انٽيلجينشيا جي هئي. سندن نظر ۾ انهن جو پاڻ ۾ ڪو به ”دشمناڻو“ تضاد ڪو نه هو. ان نتيجي تي پهچڻ کان اڳ روس جي پيٽي بورجوا سماجي تشڪيل کي وساريو ويو. لينن مختلف لکڻين ۾ سرمائيداراڻي پيداواري طريقي باوجود روس کي هڪ پيٽي بورجوا ملڪ چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍي ملڪيت وارن جو اهو پرت روس ۾ غيرمعمولي طور وسيع هو. روس جي لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آبادي پيٽي بورجوازي تي ٻڌل هئي. ان وقت مختلف سماجي معاشي عنصرن جا جيڪي عنصر موجود هئا، لينن ان جي نشاندهي هيئن ڪئي ته اهي پدرشاهاڻي يعني ڪافي حد تائين پنهنجي لا پيداوار ڪندڙ هاري معيشت، جنس (ڪموڊٽي) جي ننڍي پيداوار (جنهن ۾ انهن هارين جي اڪثريت شامل هئي جيڪا ان کپائيندي هئي.)، نجي سرمائيداري، رياستي سرمائيداري ۽ سوشلزم جي شڪلين ۾ موجود هئا. لينن چيو روس ايترو وسيع ۽ گوناگون آهي جو سماجي معاشي ڍانچي جا اهي سڀ قسم ان ۾ هڪٻئي سان همڪنار آهن. صورتحال جي انوکائپ اها ئي آهي. لينن چيو ته ”سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙا عنصر حاوي آهن؟ ظاهر آهي ته ننڍن هارين جي ملڪ ۾ پيٽي بورجوا عنصر حاوي آهن ۽ انهن کان سوا ڪو حاوي نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته آبادگارن جي اڪثريت ۽ وڏي اڪثريت جنس جي ننڍي پيداوار ڪندڙ آهي.(دا ليفٽ ونگ چائيلڊشنس اينڊ دا پيٽي بورجوا مينٽيلٽي)
ليفٽ ڪميونسٽن سان بحث ۾ لينن پيٽي بورجوا عنصرن کي سوشلزم جو ”خاص“ دشمن قرار ڏنو. ڇاڪاڻ ته پيٽي بورجوا پيداواري رشتن جي نمائندگي ڪندڙ سماجي پرت هوندو آهي. لينن نجي سرمائيداري ۽ پيٽي بورجوازي جي خاتمي لا رياستي سرمائيداري کي هڪ اهم ڏاڪو پئي سمجهيو، جڏهن ته ليفٽ ڪميونسٽن ان جي مخالفت پئي ڪئي. آڪٽوبر انقلاب کان پو لينن ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته سرمائيداري جا نوان عنصر مستقل ۽ خودرو طور پيٽي بورجوا وايومنڊل ۾ پروان چڙهن ٿا. بطور پيٽي بورجوازي جي ڦهلجندڙ ۽ ڪرپٽ اثررسوخ جي ڪري سياسي زوال پذيري ۽ نوان بورجوا عنصر مزدور طبقي جي صفن ۽ حڪومت ۾ اڀري سگهن ٿا. جڏهن ته بين الاقوامي گهيري وغيره کي هن سوشلسٽ سماج ۾ طبقاتي جدوجهد جون خارجي حالتون قرار ڏنو. بنيادي طور رد-انقلاب جي ڪاميابي جي سببن کي لينن جي ٻڌايل انهن نقطن ۾ به ڳولڻ جي ضرورت آهي. روس جي سماجي رشتن ۾ پيوست اهي اهڙا تضاد هئا، جن پاڻ کي بعد ۾ ٽراٽسڪي ازم، ڪامنيفزم، بخارنزم، خرشچيف ازم ۽ گورباچيفزم جهڙين پيٽي بورجوا نظرياتي شڪلين ۾ اظهاريو.
اهو ٺيڪ آهي ته آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ بورجوا سماج جي بنيادي يا دشمناڻن تضادن کي حل ڪيو ويو پر ساڳي وقت ان ڏانهن خاص توجهه نه ڏنو ويو ته سوشلسٽ سماج جا به ڪي بنيادي تضاد ٿي سگهن ٿا، جن تحت سماج جي ارتقا جاري رهندي. لينن سوشلسٽ سماج کي به شديد طبقاتي لڙاين جو دور چيو آهي. لينن چئي ٿو: ”پرولتاري آمريت جي جدوجهد طبقاتي جدوجهد جو هڪ سمورو دور آهي، جنهن جو ان وقت تائين هلڻ لازمي آهي، جيستائين طبقا ختم نٿا ٿين، ۽ اها جدوجهد پنهنجي شڪل به بدلائي ٿي، خاص ڪري بيرحمي کان وٺي، خاص صورتون اختيار ڪندي آهي، ۽ ان زماني ۾ جيڪو سرمائي جو تختو اونڌو ٿيڻ کان ستت پو جو زمانو آهي، پرولتاري سياسي اقتدار پنهنجن هٿن ۾ کڻڻ بعد طبقاتي جدوجهد ڇڏي نٿو ڏيئي بلڪ ان کي اوسيتائين جاري رکي ٿو جيستائين طبقن جو وجود ختم نٿي وڃي. تڏهن به اهو آهي ته ٻين حالتن ۾ ٻين شڪلين سان ۽ ٻين ذريعن سان ان جدوجهد کي جاري رکي ٿو.“ (اي گريٽ بگننگ)
”طبقن جي بلڪل خاتمي لا رڳو اهو ڪافي ناهي ته استحصال ڪندڙن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو تختو اونڌو ڪيو وڃي، نه ئي اهو ڪافي آهي ته انهن جي مالڪاڻن حقن جو خاتمو آندو وڃي، بلڪ اهو به ضروري آهي ته پيداواري ذريعن جي ذاتي ملڪيت ختم ڪئي وڃي، هي به ضروري آهي ته شهر ۽ ٻهراڙي جو فرق بلڪل ميساريو وڃي، ۽ اهو فرق به جيڪو جسماني ۽ ذهني پورهئي ڪندڙن وچ ۾ موجود آهي. ان ڪم ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو. ان منزل تائين پهچڻ لا ضروري آهي ته پيداواري قوتن کي ترقي ڏيڻ لا وڏا قدم کنيا وڃن، ضروري آهي ته ننڍي ڪاروبار جي جهجهي انگ ۾ موجود باقيات جي مزاحمت ختم ڪئي وڃي، (جيڪا اڪثر کلي سامهون نٿي اچي، جيڪا خاص طور ضدي آهي، ۽ جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ خاص ڪري مشڪل آهي. ۽ اهو به ضروري آهي ته عادتن ۽ قدامت پسندي جي ان بي پناهه قوت کي ختم ڪيو وڃي جيڪا انهن پراڻي باقيات سان جڙيل آهي.“ (ساڳو)
يا جيئن هڪ ٻئي هنڌ هو لکي ٿو: ”سرمائيداري کان ڪميونزم تائين عبور هڪ سڄي دور تي مشتمل آهي. جيستائين ان دور جي پڄاڻي نٿي ٿئي، استحصالين ۾ بحالي جي اميد اڻٽر طور واڌ ويجهه ڪندي رهي ٿي ۽ اها اميد بحالي جي جاکوڙ ۾ بدلجي وڃي ٿي.“ (پروليٽيريئن ريووليوشن ۽ رينيگيڊ ڪائوتسڪي)
اصل ۾ 20ع ۽ 30ع وارا ڏهاڪا سوويت يونين ۾ شديد طبقاتي جدوجهد جا ڏهاڪا هئا. جنهن وقت سوويت فليسوف سماجي رشتن ۾ ”دوستاڻن تضادن“ کي ”ڳولي“ رهيا هئا، عين ان وقت سوويت يونين سوشلزم جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ بيرحم ۽ فيصلائتي طبقاتي ويڙهه مان گذري رهيو هو.
تنهنڪري ڪامريڊ بخشل جي اها دعويٰ ئي غلط آهي ته تضاد دوستاڻو ٿيندو آهي. تضاد بنيادي يا غيربنيادي ٿي سگهي ٿو، پر دوستاڻو نٿو ٿي سگهي. ها دوستاڻا اختلاف ٿي سگهن ٿا، جن کي ڳالهين ذريعي ڪنهن به بنيادي تبديلي کانسوا نبيري سگهجي ٿو. پر تضاد بنيادي تبديلي کانسوا حل نٿو ٿي سگهي. اهو مارڪسزم جو بنيادي سبق آهي، جنهن کي ذهن نشين ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تنهنڪري اهو چوڻ ته کاٻي ڌر جا هي يا هو تضاد دوستاڻا آهن، اهو خيال ئي غلط آهي. ڄڻ کاٻي ڌر اهڙو لقا آهي جيڪو هڪ هم خيال رجحانن جي هيڪڙائي هجي. جڏهن ته انقلابي تاريخ اسان کي ان جي ابتڙ ٻڌائي ٿي. جيڪڏهن رڳو ليننزم جي ئي اوسر کي ڏسجي ته اها متضاد موقعي پرست رجحانن سان بيرحم جدوجهد جو نتيجو آهي. اسٽالن چيو هو: اها هر ڪنهن کي خبر آهي ته ليننزم موقعي پرستي جي هر برانڊ، اولهه ۾ مرڪز پسندي (ڪائوتسڪي ازم) ۽ اسان جي ملڪ ۾ مرڪز پسندي (ٽراٽسڪي ازم وغيره) خلاف شديد جدوجهد ۾ ڄائو، وڏو ۽ مضبوط ٿيو. ايتري قدر جو بالشيوزم جا سڌا دشمن به ان کان انڪار نٿا ڪن، اهو مڃيل آهي.“ (سم ڪئيشنز ڪنسرننگ دا هسٽري آف بالشيوزم)
(هلندڙ)