ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديلي سرڪار جي ڪارڪردگي

مجاھد لغاري

تبديلي ۽ نئين پاڪستان جي نعري تحت ٺاھي ويندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ساڍا ٽي سال مڪمل ڪري چڪي آھي، جيتوڻيڪ حڪومت جا وزير پنھنجي حڪومت جي ان عرصي کي بھتر قرار ڏيئي رھيا آھن پر زميني حقيقتون ان جي ڪافي ابتڙ آھن اچو ته انھي جو جائزو وٺون عمران خان وزيراعظم ٿيڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا، انھن ۾ 90 ڏينھن اندر ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو، لٽيل ملڪي ناڻو ٻن ڏينھن اندر واپس آڻڻ، پنج سالن ۾ ھڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھه لک گھر ڏيڻ وزيراعظم ھائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ سياسي پروٽوڪول ختم ڪرڻ، بنا فرق جي سخت احتساب، حڪومتي نمائندن جا خرچ گھٽ ڪرڻ سميت ڪيترائي واعدا ان وقت عمران خان ڪيا پر افسوس جو انھن مان ڪوبه خاطر خواهھ ڪم 99 ڏينھن ته ڇڏيو پر ساڍن ٽن سالن ۾ به ناھي ٿي سگھيو.
احتساب جي نالي تي نيب ذريعي صرف مخالف اڳواڻن سان جيلون ڀري انھن تي دٻا وڌو ويو پر اڪثر مخالف ڌر جا اھي اڳواڻ نيب جي ڪمزور پروسيڪيوشن ڪري ضمانت تي آزاد ٿي ويا پر حڪومت جي جن اڳواڻن تي ساڳيا ئي ڪرپشن جا الزام ھئا جيئن پرويز خٽڪ، جھانگير ترين، عليم خان، حليم عادل شيخ، عامر ڪياني، خسرو بختيار، محمود خان اسد قيصر، سبطين خان وغيره، انھن مان گھڻن کي نيب اڄ تائين طلب ئي ناھي ڪيو ۽ جيڪي ڪجھه گرفتار ٿيا، اھي به ڪجھه مھينا جيل ۾ رھڻ کانپو ضمانت تي آزاد ٿي وري پنھنجين ساڳين عھدن تي براجمان آھن.
کنڊ، اٽو، دوائن ۽ پيٽرول اسڪينڊل ۾ ملوث حڪومتي مشيرن ۽ وزيرن خلاف ان کان وڌيڪ ڪا ڪاروائي نه ٿي جو بس انھن جا کاتا تبديل ڪيا ويا، جنھن ڪري ھاڻي اھي ٻين کاتن جي لٽ مار ۾ رڌل آھن، ھڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪندڙ حڪومت بيروزگارن کي اھي نوڪريون ته نه ڏنيون پر اڳ ۾ ئي مختلف کاتن ۾ نوڪرين تي موجود پي آ اي، سوئي گئس اسٽيل ملز ۽ ٻين کاتن جي 16 ھزار ملازمن کي سندن نوڪرين مان سياسي ڀرتين جو جواز ڄاڻائي ڪڍي ڇڏيو، جيتوڻيڪ انھن مان سڀ نااھل ھرگز نه ھوندا.
آ ايم ايف جنھن جي باري ۾ عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ چوندو ھو ته ان کان قرض وٺڻ کان آئون خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندس، ان تحريڪ انصاف جي حڪومت آ ايم ايف کان ڳرن شرطن عيوض ملڪي تاريخ جو سڀ کان گھڻو قرض کنيو، جنھن ڪري مھانگائي جو طوفان اڄ تائين گھٽ ٿيڻ بجا وڌنڌو ئي پيو وڃي روزمره جي ڪھڙي اھڙي شي آھي جنھن جي قيمت ھن حڪومت ۾ ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي ناھي پھتي جنھن مافيا جو اڪثر عمران خان ذڪر ڪندو ھو ته ان مافيا ملڪ کي تباھه وبرباد ڪيو آھي ان ئي مافيا کي خوش ڪرڻ لا کنڊ، اٽي، دوائن ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو ڪري غريب عوام جو رت چوسيو پيو وڃي پر افسوس جو وزيراعظم اڄ به عوام کي پريشان نه ٿيڻ جا مشورا ڏيئي رھيو آھي، ڪجهھ غور ڪريو، جيڪو وزير اعظم چوي ٿو ته 4 لک پگھار مان سندس گذر ڏکيو ٿي پيو آھي، جيتوڻيڪ سندس سڄو خرچ وزيراعظم ھائوس مان پورو ٿئي ٿو ته پو ڏھاڙي 5 کان 6 سو ڪمائڻ واري جو ڇا حال ھوندو، فلاحي جا مثال ڏيندڙ اسان جو وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا سندس حڪومت ۾ پنجاب ۾ ايمبولينس نه ھئڻ ڪري لاش، گند ڪچرو ڪڻندڙ گاڏي ۾ نه کنيو ويو ھو، ڇا گورنر سنڌ جي گاڏي ۾ پروٽوڪول ۾ ڪتو گھمندي ھن نه ڏٺو گھٽ ۾ گھٽ فلاحي جو راڳ آلاپيندڙ حڪومت اھڙي ناھي ھوندي، جنھن ڪرپشن کي عمران خان 90 ڏينھن اندر ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو، اھا سندس حڪومت ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب گھٽجڻ بجا، 4 درجا وڌي آھي.
جڏھن وزير اعظم صادق ۽ امين آھي ته پو ڪرپشن ڇو وڌي ڪٿي ته گڙٻڙ آھي، ڪارڪردگي جي ميدان ۾ ناڪام حڪومت پنھنجي نااھلي لڪائڻ لا ادارن تي پنھنجو قبضو ڄمائڻ جي ڪوششن ۾ به رڌل آھي، اليڪٽرونڪ مشين تي اليڪشن ڪميشن جي اعتراض ڪرڻ کانپو حڪومتي وزيرن جيڪا زبان چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڳالھائي اھا نھايت شرمناڪ ھئي، انھن کي اھو نيب چيئرمين ته قبول آھي، جيڪو انھن جي پيروي ڪري رھيو آھي، باقي جيڪو انھن جي حڪمن کي نه مڃي اھو قابل قبول ناھي، ايتري تائين جو جڏھن اھڙي ڪريل گفتگو کانپو اليڪشن ڪميشن انھن وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ته بجا شرمندو ٿيڻ جي ديده دليري سان اليڪشن ڪميشن تي مخالف ڌر جو ساٿاري ھئڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.
پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل آڻي وري ميڊيا تي پنھنجو ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن خلاف سڄي ملڪ جي صحافتي برادري احتجاج ڪيو جو سندن موقف ھو ته انھي بل ذريعي حڪومت آزاد ميڊيا کي پنھنجي اشارن تي ھلائڻ چاھي ٿي، اليڪشن 2023 ھاڻي گھڻو پري ناھي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پنھنجي روش تبديل ڪرڻ گھرجي ڇو ته ڀلي عمران خان ۽ ان جا وزير سڀ سٺو آھي جو راڳ آلاپين پر حقيقت اھا آھي ته پي ٽي آ حڪومت ھن وقت تائين عوام کي ڪو خاص رليف نه ڏئي سگھي آھي، ويتر جيڪا ادارن تي پنھنجي اجاراداري قائم ڪرڻ واري روش تي اھا نڪري چڪي آھي، اھا انھن لا نھايت نقصانڪار ثابت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button