سنڌ

خيرپور ۾ اغوا ڄاڻايل ڇوڪري سان ننڍي عمر ۾ شادي،پٽيشن داخل

خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت احمدپور ڀرسان ڳوٺ کنڀڙا مان اغوا ڄاڻايل ڇوڪري سائره کنڀڙو جي مبينا ننڍي ڄمار ۾ شادي خلاف سندس عزيزالله کنڀڙو جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ايس ايڇ او احمدپور ۽ جوابدار شان، خان، ذيشان، علي محمد ۽ احمدپور جي رهواسي معشوق ڪولاچي، پريم نگر نوشهروفيروز جي رهواسي اڪبر راڄپر، حاڪم علي ۽ علي نواز خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. مبينا اغوا ڄاڻايل سائرا جي ڀاءُ عزيزالله کنڀڙو عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته منهنجي ڀيڻ سائرا کي جوابدار شان، خان، ذيشان ۽ علي محمد کنڀڙو 14 سيپٽمبر 2021 تي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، جن خلاف احمدپور ٿاڻي تي سائرا جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو پر جوابدارن نوشهروفيروز ۾ سائرا سان سندس ننڍي ڄمار هجڻ باوجود نڪاح ڪري غيرقانوني عمل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button