سنڌ

سڳيون ڀرسان 7 سالن جي ٻارڙي ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت

سڳيون لڳ ڪچي جي علائقي منگي ماڙي ۾ ڍنڍ ڪناري پير ترڪڻ سبب 7 سالن جي معصوم نينگري سونهن ڌيءَ رستم ملاح ٻڏي فوت ٿي وئي. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ ٻاهران ڍنڍ ڪناري عورتن سان ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ گڏجي ويل معصوم نينگري گهر واپس اچڻ بعد ٻيهر پاڻي جو رخ ڪيو ۽ پير ترڪڻ سبب ڍنڍ ڪناري بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي وئي، جنهن کان کانپو ڳولا تي نينگري کي بيهوشي حالت ۾ پاڻي مان ڪڍي پي پي ايڇ آ اسپتال نيو ويو ته ڊاڪٽرن چڪاس بعد سندس موت جي تصديق ڪئي، معصوم نينگريءَ جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button