سنڌ

خانواهڻ ۾ مبينا مقابلي ۾ مغوي بازياب،هڪ ڏوهاري گرفتار

خانواهڻ جي ڪچي جي علائقي ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ مغوي نوجوان 35 سالن جي عبدالفتاح راڄپر کي بازياب ۽ هڪ مبينا ڏوهاري ياسين ملاح کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪنڊيارو امداد سولنگي ٻڌايو ته 25 ڏينهن اڳ محرابپور مان شهري عبدالفتاح کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا، جنهن کانپو وارثن کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، پوليس خانواهڻ جي ڪچي واري علائقي ۾ پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ان دوران مغوي عبدالفتاح راڄپر کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته هڪ ڏوهاري ياسين ملاح کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ ڊبل بيرل بندوق پڻ هٿ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻيا ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button