سنڌ

نواب شاهه ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر،زال ۽ مڙس فوت،پٽ مرڻينگ

نوابشاهه جي علائقي واپڊا ڪالوني ۾ رھندڙ واپڊا جي ايس ڊي او جو ڊرائيور 59 سالن جو غلام حيدر لاشاري سندس زال حميده ۽ نوجوان پُٽ غلام حسين عرف ڏاڏو لاشاري ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي ٻانڌي کان نوابشاهه اچي رھيا ھئا ته دوڙ – ٻانڌي روڊ تي موٽر سائيڪل کي ھڪ تيز رفتار ڪار شديد ٽڪر ھنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار غلام حيدر لاشاري ۽ سندس زال حميده ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته سندن پُٽ غلام حسين شديد زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس فوتين جا لاش ٻانڌي اسپتال کڻائي وئي، جڏھن ته زخمي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو. زخمي نوجوان غلام حسين لاشاري کي خطرناڪ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سندس ٻئي ڄنگھون ڀڄي پيون. ٻئي طرف حادثو ڪندڙ ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button