سنڌ

نواب شاهه ۾ ميڊيڪل شاگردن جي ٽيسٽ ۾ فيل ڪرڻ خلاف ريلي

پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل پاران ميڊيڪل جي شاگردن کي ٽيسٽ ۾ فيل ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ شاگردن نوابشاهه بورڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سلمان ڪيريو، سجاد علي سيال، سعد لاکو، امير علي ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل پاران مھينو اڳ ميڊيڪل جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي، جيڪا شاگردن جي معيار مطابق نه ھئي، جنھن ڪري 20 کان وڌيڪ شاگردن کي فيل ڪيو ويو، ھنن چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي انتظاميه ٽي اِي پي ايس لنڪ جو ڪانٽريڪٽ 2 سالن کان وڌائي 10 سالن جو ڪيو آھي، جيڪا شاگردن سان ناانصافي آهي. ھنن چيو ته شاگردن کي سنڌ صوبي جي سبجيڪٽن مان پڙھايو ويو. جڏهن ته ٽيسٽ پنجاب جي سبجيڪٽن مان ڏني وئي، جيڪو ظلم آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل پاران ميڊيڪل جي ٻيھر ٽيسٽ ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button