سنڌ

ڏهرڪي ڀرسان ٻن روڊ حادثن ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت

ڏھرڪي ويجھو ٻِن مختلف روڊ حادثن ۾ 7 سالن جو نينگر ۽ پرائمري استاد فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڏهرڪي ڀرسان قومي شاھراهه وٽ تاج پيٽرول پمپ تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار پرائمري استاد عبدالرائوف ڏھر فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن کانپو اطلاع تي ڏھرڪي پوليس پھچي فوتي استاد جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندو، هوڏانهن کينجھو روڊ تي ڳوٺ قمبر چاچڙ جو رهواسي 7 سالن جو نينگر فتح محمد شر ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي نازڪ حالت ۾ ڏھرڪي اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن کانپو نينگر جو لاش گهر نيو ويو ته ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته نينگر جو لاش ڏسي سندس ما کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button