سنڌ

حيدرآباد ۾ واسا جا ڪلور،گٽرن جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ

حيدرآباد ۾ واسا عملدارن گٽرن جي گندي پاڻي جي مين لائين درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏي. گٽرن جو گندو پاڻي درياهه ۾ پيئڻ جي پاڻي لا لڳل مشينن ذريعي شهرين کي فراهم ٿيڻ لڳو. ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان سنڌو درياهه ۾ بچا بند وٽ واسا جون شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لا وڏيون مشينون لڳل آهن، جتان روزانو موٽرن ذريعي لطيف آباد، ڪوهسار ۽ ٻين علائقن جي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿئي ٿو. لطيف آباد جي واسا عملدارن نااهلي جو مظاهرو ڪندي انهي ڀرسان لطيف آباد جي گٽرن جي پاڻي جي مين لائين جو ڇوڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري شهرين کي گٽرن جو پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڳوٺ دڙي مياڻ جي رهواسين مير محمد سولنگي ۽ رجب لغاري چيو ته درياهه ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو ڇوڙ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button