سنڌ

مورو ۾ نانگ ڪکيل نينگر ويڪسين نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت

مورو ڀرسان ڳوٺ وارياسو ۾ 12 سالن جي معصوم نينگر سينگار علي پٽ رحمت الله سولنگي کي گھر ۾ نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن تعلقي اسپتال مورو آندو، جتي ڊاڪٽر موجود نه ھئڻ ۽ ويڪسين نه ملڻ سبب معصوم نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش ڳوٺ نيو ويو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس ما کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي پي رحمت اللہ سولنگي ۽ ڳوٺاڻن تعلقي اسپتال مورو جي ڊاڪٽرن تي لاپرواھي ۽ ويڪسين نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، ھنن دانهيو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواھي ۽ ويڪسين نه ھجڻ ڪري اسان جو نينگر ٻن ڪلاڪن تائين تڙپندي تڙپندي فوت ٿي ويو. تعلقي جي ايڏي وڏي اسپتال ھوندي به اتي ڪا سھولت ناهي، ايتري قدر جو سرنج ۽ پٽي به ڪانه ٿي ملي. اھا به ٻاھران خريد ڪرڻي پوي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button