سنڌ

ريتي ڀرسان 2 ڄڻا ايمبولينس ۾ نينگر جو لاش ڇڏي فرار

اوٻاوڙو ۾ نامعلوم ماڻهو شيخ زيد اسپتال رحيميار خان مان 15 سالن جي نينگر جو لاش ايمبولينس ۾ کڻي ريتي ويجھو ايمبولنس مان لھي موٽر سائيڪل تي فرار ٿي ويا. اطلاع تي ريتي پوليس پھچي ايمبولينس کي ڊرائيور سميت ٿاڻي تي وٺي وئي. ان موقعي تي ايمبولنس ڊرائيور نعيم خان پٺاڻ ٻڌايو ته مون کي ھڪ مرد ۽ عورت شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان مان لاش کڻائي صادق آباد ھلڻ لاءِ چيو جڏھن صادق آباد پھتاسين ته انھن ريتي ھلڻ جو چيو، جتان ريتي ويجھو پھتس ته رستي ۾ بيٺل موٽر سائيڪل تي ھمراهه اچي عورت ۽ مرد کي ايمبولينس مان لاھي موٽرسائيڪل تي کڻي ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ريتي ٻڌايو ته نامعلوم ماڻھن نينگر کي قتل ڪري ريتي شھر ٻاھران ايمبولنس مان لھي موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويا آھن. ايمبولنس ڊرائيور کي ٿاڻي تي وٺي آيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button